بخشل شاهاڻي

بخشل شاهاڻي

شاهاڻي بخشل

شاهاڻي، بخشل: موسيقار، ليکڪ ۽ استاد فقير بخشل شاهاڻي (بي. ڪي شاهاڻي)، 15 جولاءِ 1951ع تي تعلقي دادوءَ جي ڳوٺ موندر ۾، سومر خان شاهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم. اي (سنڌي) ۽ ايم. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪيائين. 1980ع کان لکڻ ۽ موسيقي ڏانهن لاڙو ٿيس، ننڍپڻ ۾ نعتون، سهرا ۽ عام ڪلام ڳائي دل وندرائيندو هو. 1970ع کان مختلف سازن: طبلي، هارمونيم ۽ ڍولڪ تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ سان گڏ ڳائڻ ۾ به مشغول رهيو. هن وقت سندس پٽ ‘ٻالڪ سنڌي’ پڻ موسيقيءَ جي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي چڪو آهي. بخشل شاهاڻيءَ دادوءَ ۾ ‘استاد بخاري ميوزيڪل ڪلب’ قائم ڪري ٻالڪ سنڌيءَ سميت سرور سخيراڻي (مرحوم)، اعجاز منگي (ننڍڙو شمن)، ناهيد علي، ديدار علي شاهاڻي ۽ ٻين گلوڪارن جي فني تربيت ڪئي.
هن عملي زندگيءَ ۾ استاد طور خدمتون سر انجام ڏنيون. ڄامشوري منتقل ٿيڻ بعد ‘بي. ڪي شاهاڻي تعليمي مرڪز’ ۾ ٻارن کي مفت ٽيوشن به ڏنائين. 2011ع ۾ ڄام شوري جي سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ واري هاير سيڪنڊري اسڪول مان 18 گريڊ ۾ رٽائر ڪيائين.
بخشل شاهاڻي 200 کان وڌيڪ گيتن ۽ غزلن جون ڌنون ترتيب ڏنيون آهن، جن مان اڪثر گيت سنڌي چئنلن تان نشر ٿيا. ليکڪ ۽ مرتب جي حيثيت سان سندس هيٺيان ڪتاب پڻ ڇپيا آهن: (1) سهڻا سخن (قول)، (2) انگريزي سنڌي ڊڪشنري، (3) انگلش گرامر، (4) ماڊرن پريڪٽس انگلش گرامر، (5) انگلش پوئٽري (ڪلاس نائون ۽ ڏهون)، (6) گهرو سگهڙائپ ۽ شفا بخش خوراڪ، (7) انگلش گائيڊس (ڇهين کان ٻارهين ڪلاس لاءِ) سنڌي ترجمو. بخشل شاهاڻيءَ، 4 آگسٽ 2014ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.07.15  عيسوي

موسيقار، ليکڪ ۽ استاد فقير بخشل شاهاڻي (بي. ڪي شاهاڻي)، 15 جولاءِ 1951ع تي تعلقي دادوءَ جي ڳوٺ موندر ۾، سومر خان شاهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2014.08.04  عيسوي

بخشل شاهاڻيءَ، 4 آگسٽ 2014ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صغران بي بي
شيام ساڌورام آهوجا
آر اي ڪارسن
شيخ عبدالعزيز
اليعقوبي
سيد حفيظ الدين
عشرت العباد
پوراني ميرڪ سيد محمد
جعفري ضمير
ذاڪر علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون